عبدالقادر محمد حسين

عبدالقادر محمد حسين: عبدالقادر محمد حسين جو واسطو شڪارپور جي هڪ زميندار گهراڻي سان هو. هي پهريائين بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ ٽرانسليٽر طور مقرر ٿيو، جنهن کانپوءِ هن آءِ.سي.ايس جو امتحان پاس ڪيو. ان کانپوءِ هي جهوناڳڙهه رياست ۾ پهريائين ڊپٽي پرائيم منسٽر طور مقرر ٿيو ۽ هن کي وزيراعظم جا اختيار ڏنا ويا. وزارت عظمى جي زماني ۾ هن مهاراشٽر ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ هڪ ٻيٽ تي قائم جنجيرا رياست (شيدين جي رياست) جي هڪ نواب بخشيـزاده سِـدي دائـود جي نياڻي نجم النساءَ بيگم سان شادي ڪئي. هن سرڪاري نوڪري جو گهڻو عرصو پونا، بمبئي ۽ سنڌ ۾ گذاريو. سندس فرزند ارشاد عبدالقادر محمد حسين هڪ سٺو وڪيل هئڻ سان گڏ فلم ميڪر پڻ هو، جنهن 30 کان وڌيڪ فلمون تيار ڪيون.


لفظ عبدالقادر محمد حسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو